ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل ايمن سليم شاديءَ جي ٻنڌڻ جي ٻڌجي وئي.
اداڪارا ايمن سليم ڪامران ملڪ سان گذريل ڏينهن نڪاح ڪيو ۽ ان حوالي سان هن انسٽاگرام ذريعي مداحن کي خوشخبري ٻڌائي آهي.
ايمن پنهنجي مڙس ڪامران ملڪ سان گڏ تصوير شيئر ڪندي ”الحمدالله“ لکيو.
View this post on Instagram
اداڪارا پاران پنهنجي نڪاح جو اطلاع ڏيڻ تي مداح کيس واڌايون ڏئي رهيا آهن.
واضح رهي ته ايمن سليم اڳوڻي ڪرڪيٽر سليم يوسف جي ڌيءَ آهي.