آءِ ايس آءِ آفيس تي حملي سميت 50 ڄڻن جو قاتل مقابلي ۾ مارجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ ايس آءِ فيصل آباد آفيس تي حملي سميت 50 ڄڻن جو قاتل پوليس مقابلي ۾ پنهنجي ساٿي سوڌو مارجي ويو.
سي ٽي ڊي اختيارين موجب چنيوٽ جي علائقي ۾ انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪئي وئي، آپريشن دوران دهشتگردن مزاحمت ڪئي، ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
اختيارين ٻڌايو ته غضنفر نويد سان گڏ مارجي ويل ٻئي دهشتگرد جي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
دهشتگرد جي سر جي قيمت 25 لک رپريا مقرر هئي، غضنفر نديم 2011 کان مفرور هو ۽ مختلف ادارا ان جي ڳولا ۾ هئا، هو مذهبي نفرت تي ٻڌل دهشتگردي جو ماسٽر مائينڊ هو.
ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي مان بارود ۽ جديد هٿيار به قبضي ۾ ورتا ويا.
سي ٽي ڊي موجب غضنفر نديم عرف خالد حبيب کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو هو، دهشتگرد فيصل آباد ۾ آءِ ايس آءِ آفيس تي حملي سميت 11 وڏين ڪارروائين ۾ ملوث هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.