ايپل ڪمپني جا آءِ فونز سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيا ويندڙ فونز آهن جن کي خاصيتن جي ڪري ترجيح ڏني ويندي آهي.
آءِ فون جي جيتري گھرج آهي ان جي چوري به اوتري ئي وڌيڪ آهي ان ڪري ان جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف آپشنز شامل ڪيا ويندا اهن پر ان جي باوجود چور ان جو پاسورڊ کولي اوهان جي ضروري ڊيٽا تائين پهچي حاصل ڪري سگھن ٿا.
رپورٽ موجب چور ”رڪوري ڪِي“ ۾ وڃي اوهان جي پاسورڊ کي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ”فائنڊ ماءِ فون“ جو آپشن بند ڪري ڇڏيندا آهن جنهن سان اوهان ڪڏهن به پنهنجي فون کي نٿا ڳولي سگھو.
رپورٽ موجب آءِ فون جي ڪجهه واهپيدارن شڪايت ڪئي آهي ته فنانشل ايپس ذريعي ان جي بيڪ اڪائونٽس جا تفصيل به هيڪ ٿي چڪا آهن.
تنهنڪري ڇا ڪيو وڃي جو چورن کان پنهنجي آءِ فون جي ڊيٽا کي بچائي سگھجي؟
پاسڪوڊ جي حفاظت ڪريو
چورن کان پنهنجي آءِ فونجي ڊيٽا کي بچائڻ لاءِ پهريون کنيو ويندڙ قدم پنهنجي پاسڪوڊ جي حفاظت ڪرڻ آهي.
اپيل ڪمپني جي ترجمان آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته واهپيدارن کي گھرج يته جڏهن هو پنهنجو فون کولين ته فيس آءِ ڊي يا ٽچ آءِ ڊي سان کولين ڇو جو ائين ڪرڻ سان ماڻهو اوهان جي پاسڪوڊ کي نه ڏسي سگھندا ۽ فون جو ڊيٽا ڪجهه حد تائين محفوظ رهي سگھي ٿو.
هنن چيو ته واهپيدار جيڪڏهن پاسڪوڊ لڳائڻ چاهين ٿا ته اهي ڊگھي ۽ ڏکئي ترين پاسڪوڊ جي چونڊ ڪن ته جيئن آءِ فون چوري ٿيڻ جي صورت ۾ سولائي سان نه کولي سگھجي، جيڪڏهن ڪنهن واهپيدار کي شڪ هجي ته هن جي پاسڪوڊ تي ڪنهن جي نظر پئجي وئي آهي ته هو فوري پنهنجو پاسڪوڊ تبديل ڪري ڇڏي.
اسڪرين ٽائيم سيٽنگز
ان طريقي سان اسڪرين ٽائيم لڳائي به پنهنجي ڊيٽا کي محفوظ بڻائي سگھجي ٿو، اوهان اسڪرين ٽائيم سان سڀني ايپس کي لاڪ ڪري سگھو ٿا.
آءِ فون کي روز بيڪ اپ ڪريو
واهپيدار پنهنجي ڊوائيس کي روز جي بنياد تي بيڪ اپ ڪري پنهنجو ڊيٽا محفوظ بڻائي سگھن ٿا.
آءِ فون جو بيڪ اپ آءِ ڪلائوڊ ۽ ٽونز سان بڻائي شگهجي ٿو ته جيئن ڊوائيس چوري ٿيڻ جي صورت ۾ ڊيٽا کي رڪور ڪري سگھجي جڏهن ته واهپيدار بيڪ اپ جي مدد سان چوري ٿيل ڊوائيس مان ڊيٽا به ختم ڪري سگھي ٿو.