پاڪستان ۾ چونڊون ڪير کٽيندو؟ هٿرادو ذهانت پنهنجو جواب ڏئي ڇڏيو

ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان مختلف سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي ڪاميابي جي دعويٰ ڪري رهيون آهن پر اهڙي صورتحال ۾ هٿرادو ذهانت به ملڪ ۾ چونڊن جي حوالي سان ڪيل سوال جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن جي پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن بابت تازي فيصلي اڳ ئي ڏکيائين جو شڪار پي ٽي آءِ کي ظاهري طور وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماهرن جو خيال آهي ته عدالتي حڪم ۽ اڳوڻي وزيراعظم خلاف ڪيسن کانپوءِ عام چونڊن ۾ عمران خان جي پارٽي جي ڪاميابي جا امڪان تمام گهٽ آهن پر ان حوالي سان هٿرادو ذهانت (اي آءِ) دلچسپ جواب ڏنو آهي.
هٿرادو ذهانت جي پليٽ فارمز (Bard, ChatGPT) ۽ (Bing AI) کان پڇيو ويو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڪير ڪاميابي حاصل ڪندو؟
جنهن جو جواب (Bard, ChatGPT) هن ريت ڏنو ته 2024 جي عام چونڊن ۾ ڪير فاتح ٿيندو، ان بابت يقيني اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناهي، پاڪستان جو سياسي منظرنامو انتهائي متحرڪ آهي.
گوگل اي آءِ پليٽ فارم بارڊ جو خيال هو ته ن ليگ جي ڪارڪردگي، سياسي اتحاد، نون سياسي ڪردارن جو اڀرڻ ۽ غير امڪاني واقعا ڪجهه اهڙا عمل آهن، جيڪي نتيجن تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عمران خان قانوني ڏکيائين باوجود مضبوط اميدوار آهي، جڏهن ته ن ليگ لاءِ پنهنجون ڪاميابيون اڳتي وڌائڻ ۽ ووٽرن جو ٿَڪ ختم ڪرڻ چئلينج آهي.
اي آءِ چيو ته پ پ وفاق ۾ پنهنجي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ امڪاني اتحاد ڏانهن وڃي سگهي ٿي، جڏهن ته ننڍيون پارٽيون ”ڪنگ ميڪرز“ جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون ۽ چونڊن کان اڳ نوان اتحاد اڀري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.