ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس اختيارين انڪشاف ڪيو آهي ته ڪينٽ اسٽيشن تي ٽرين مان ملندڙ بم جو امڪاني هدف سکر هو.
ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي ٽرين مان بم ملڻ جي واقعي ۾ پوليس جي شروعاتي جاچ مڪمل ٿي وئي، اختيارين جو چوڻ آهي ته بم جو امڪاني هدف سنڌ جو علائقو سکر هو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب ڪيس ڪينٽ ريلوي اسٽيشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويندو، شروعاتي جاچ موجب بم پشاور اسٽيشن تان ٽرين ۾ رکيو ويو، پشاور کان ڪراچي تائين مختلف اسٽيشنز جا فوٽيج حاصل ڪيا پيا وڃن.
اسد رضا ٻڌايو ته ٽائمر موجب بم ڦاٽڻ جو وقت منجهند 12 وڳي جو هو، 12 وڳي ٽرين سکر روهڙي جنڪشن تي هئي پر ڊوائس ناڪارا ٿيڻ سبب بم نه ڦاٽي سگهيو.
هن چيو ڪينٽ اسٽيشن تي ٽرين اچي بيٺي ته هڪ ڪلاڪ کانپوءِ پوليس کي بم جو اطلاع مليو، ٽرين ۾ موجود شڪي ٿيلهي جو اطلاع ريلوي جي عملي ڏنو، ريلوي جي عملي کان به پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
بم ڊسپوزل يونٽ جي شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بم 4 کان 5 ڪلو گرام وزني هو ۽ ان ۾ اڍائي ڪلو تائين بارودي مواد هو.
واضح رهي ته گذريل رات ڪينٽ اسٽيشن پليٽ فارم نمبر 2 تي ٽرين ۾ بم جو اطلاع ملڻ تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي ان کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو هو.
You might also like