انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان

لاهو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ورلڊ ڪپ ۾ 15 رڪني قومي اسڪواڊ جي قيادت سعد بيگ ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ علي اسفند، علي رضا، احمد حسن، عامر حسن، عرفات منهاس، اذان اويس، هارون ارشد، خبيب خليل، محمد رياض الله، محمد ذيشان، نويد احمد، شاهه زيب خان، حسين ۽ عبيد شاهه شامل آهن.
واضح رهي ته انڊر 19 ورلڊ ڪپ ڏکڻ آفريقا ۾ 19 جنوري کان 11 فيبروري تائين کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.