فنڊ ۽ پگهارون جاري ڪرڻ جي حوالي سان ناڻي واري وزارت جو اهم بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت فنڊ ۽ پگهارون جاري ڪرڻ جي حوالي سان وضاحت ڪئي آهي ته ان ۾ دير جي خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي.
ناڻي واري وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام تحت سمورا واعدا پورا ڪري رهيو آهي، ٻين ٽن مهينن لاءِ پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جا فنڊ اڳ ئي جاري ٿي چڪا آهن.
ترجمان ٻڌايو ته ترقياتي خرچن جي فنڊن جو اختيار پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ اينڊ اسپيشل انيشيئيٽو ڊويزن وٽ آهي، فنانس ۽ پلاننگ ڊويزن جي رليز حڪمت عملي ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي.
ترجمان چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ ٻين ٽن مهينن جا سمورا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن، بي آءِ ايس پي جا فنڊ منتقل ٿي رهيا آهن.
فنانس ڊويزن ترجمان موجب بجلي جي شعبي کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ سمورا فنڊ دستياب ڪرايا ويا، ڪرسمس کان اڳ عيسائي برادري کي پگهارون جاري ڪرڻ جو عمل يقيني بڻايو ويو.
ناڻي واري وزارت ٻڌايو ته ٽيڪس وصولي ۽ وزارتن طرفان اين ٽي آر جي وصولي مڪمل طور ٽريڪ تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.