نور عالم خان ڪهڙي جماعت ۾ شامل ٿي رهيو آهي؟ فيصلو ڪري ورتائين

پشاور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو.
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اڳوڻو چيئرمين نور عالم خان جي يو آءِ ۾ شموليت جو باضابطا طور اعلان مولانا فضل الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نور عالم خان 2024 جي عام چونڊن ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ٽڪيٽ تان وڙهندو.
واضح رهي ته نور عالم خان 2018 جي عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تان حصو ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.