حارث رئوف ٽائم آئوٽ کان بچڻ لاءِ گلوز ۽ پيڊ پائڻ بنا ميدان ۾ لهي پيو

بگ بيش ليگ ۾ ميلبورن اسٽارز جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف ٽائم آئوٽ کان بچڻ لاءِ گلوز ۽ پييڊ پائڻ بنا ئي ميدان ۾ اچي ويو.
اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ميلبورن اسٽارز ۽ سڊني ٿنڊرز وچ ۾ بگ بيش ليگ جي ميچ دوران مزاحيه واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن حارث رئوف پنهنجا گلوز ۽ پيڊ پائڻ بنا ئي بيٽنگ ڪرڻ لاءِ گرائونڊ ۾ پهچي ويو.
ميچ ۾ اننگز جو آخري اوور شروع ٿيو ته 6 رانديگر آئوٽ هئا ۽ حارث رئوف سمجهيو ته ان جو وارو نه ايندو، جنهن سبب هو تيار نه هو پر 3 لڳاتار وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ حارث کي ڪريز تي اچڻو پيو ۽ هو ٽائم آئوٽ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ بنا حفاظتي ڪٽ جي ميدان ۾ لهي پيو.
آن فيلڊ امپائرن پاڪستاني فاسٽ بالر کي بنا حفاظتي ڪٽ جي بيٽنگ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، جنهن کانپوءِ حارث رئوف دستانا ۽ هيلمٽ پاتو پر ڇو ته هو نان اسٽرائيڪر اينڊ تي هو ۽ اننگز جو آخري بال هو، تنهن ڪري کيس پيڊ پائڻ بنا ئي کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.