سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 500 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 19 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 429 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 88 هزار 14 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 2 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2052 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.