ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي جزاغونڊي ۾ اڏاوت هيٺ ٿاڻي تي ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 مزدور مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
ڏکڻ وزيرستان پوليس موجب فائرنگ گذريل رات ڻڄاتل ماڻهن ڪئي.
پنجن ئي مزدورن جا لاش ۽ زخمي ڊسٽرڪٽ اسپتال وانا منتقل ڪيو ويو.
ڏکڻ وزيرستان جي ڊي پي او فرمان الله جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ کان پوءِ تفصيل فراهم ڪنداسين.
Next Post
You might also like