ايندڙ سال دنيا چونڊن جو وڏو ميدان بڻجي ويندي

سڄي دنيا ۾ 4.2 ارب کان وڌيڪج ماڻهو جيڪا دنيا جي اڌ آبادي آهي، اها 2024ع ۾ پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندا.
پرڏيهي ٿنڪ ٽينڪ اٽلانٽڪ ڪائونسل موجب 78 ملڪ ايندڙ سال 83 قومي سطح يا ٻيو چونڊون ڪرائيندا ۽ پوءِ دنيا ۾ ائين 2048ع تائين ٻيهر ڏسڻ ۾ نه ايندو.
سڄي دنيا ۾ چونڊن جو سلسلو جنوري جي پهرين هفتي ۾ شروع ٿيندو ۽ ان دوران ايشيائي ملڪن جا شهري سڀ کان وڌيڪ پنهنجي راءِ جي حق جو استعمال ڪندا.
جنوري ۾ بنگلاديش جڏهن به فيبروري ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا ۾ چونڊون ٿينديون جڏهن ته مئي ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ به چونڊون ٿينديون.
رپورٽس موجب برازيل ۽ ترڪيه جهڙن ڪجهه ملڪن ۾ عام چونڊون نه ٿينديون پر اتي مقامي يا مڪاني چونڊون ٿينديون جنهن ۾ سڄو ملڪ حصو وٺندو. اهڙيءَ طرح يورپي يونين جي 27 ميمبر ملڪن جي بلاڪ جون ايندڙ پارليامينٽ جون چونڊون ٿينديون.
آمريڪا ۽روس ۾ به صدارتي اليڪشن 2024ع ۾ ٿيندي جڏهن ته جي 7* جي 20 ۾ شامل ڪجهه ملڪن ۾ به ايندڙ سال چونڊون ٿينديون.
ان کانسواءِ 2024ع ۾ الجيريا، گھانا، چاڊ، تونيسيا، نميبيا ۽ روانڊا سميت ٻين ملڪن ۾به اليڪشن شيڊول آهن.
يورپ۾ به ايندڙ 12 مهينن ۾ 10 کان وڌيڪ پارلياماني ۽ صدارتي چونڊون ٿيڻيون آهن جتي فن لينڊ،بيلاروس، پرتگال، يوڪرين، سلواڪيا، آئيس لينڊ، بيلجيئم، يورپي پارليامينٽ،ڪروشيا، جارجيا ۽ رومانيا ۾ ووٽ وڌا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.