سعودي عرب ويزا وٺڻ سولو بڻائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ويزا جي درخواست جي عمل کي سولو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ هڪ نئون ويزا پليٽ فارم شروع ڪيو ويو آهي.

هن قدم جو بنيادي مقصد سعودي عرب ۾ مختلف مقصدن لاءِ ايندڙن کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪرڻ آهي.

عرب بزنس ڊاٽ ڪام موجب حج، عمري، ڪاروبار، سياحت ۽ ڪم لاءِ ويزا نئين يونيفائيڊ ويزا پليٽ فارم ذريعي جاري ڪئي ويندي.

30 خانگي صنعتون ۽ ادارا هن ويزا پليٽ فارم سان ڳنڍيل آهن.

آرٽيفيشل انٽيليجنس جي استعمال سان سعودي عرب اچڻ جا خواهشمند ماڻهو گهربل دستاويزن بابت معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا.

معاون پرڏيهي وزير عبدالهادي بن احمد المنصوري KSA ويزا پليٽ فارم جو افتتاح ڪيو. جيڪو ڊجيٽل گورنمينٽ فورم جو حصو آهي.

هن پليٽ فارم ذريعي، ويزا جاري ڪرڻ سان لاڳاپيل ڪمن جي وچ ۾ سهڪار پيدا ڪيو ويو آهي.

سعودي عرب اچڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ هڪ سمارٽ سرچ انجڻ پڻ رکي وئي آهي ته جيئن هو پنهنجي گهربل ويزا جلدي ۽ سولائي سان حاصل ڪري سگهن.

هر درجي لاءِ گهربل دستاويز ۽ درخواست جمع ڪرائڻ جو طريقو مڪمل طور تي بيان ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.