سياري ۾ اس ۾ ويهڻ سان ڪهڙا اثر پون ٿا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري ۾ اس ۾ ويهڻ سڀني کي پسند هوندو آهي پر ڇا توهان کي اها خبر آهي ته گلوبل وارمنگ جي ڪري اس هاڻي نقصان به ڏئي سگهي ٿي.

هاڻي سج جون الٽرا وائليٽ ريز بنا رنڊ روڪ جي زمين تائين پهچي رهيون آهن جيڪي کل جي معمولي انفيڪشن کي ڳڻتي جوڳي حالت تائين وڌائڻ يا کل جي ڪينسر جو سبب بڻجي رهيون آهن.

گرمي هجي يا سيارو اس ۾ بنا ضرورت جي وڌيڪ دير وقت گذارڻ کان پاسو ڪريو، خاص طور تي صبح يارهين وڳي کانپوءِ منجهند 4 وڳي تائين اس پنهنجي عروج تي هوندي آهي.

ان وقت ۾ ٻاهر نڪرڻ کان وڌ کان وڌ پاسو ڪجي ۽ جيڪڏهن اس ۾ نڪرڻ صفا ضروري هجي ته ڪنهن معياري سن بلاڪ لوشن، ڪريم يا جيل سان پنهنجي کل جي حفاظت ڪجي ۽ اس مان واپس اچڻ کانپوءِ چهري کي سوپ فري فيس واش ۽ ٿڌي پاڻي سان ڌوئي لوشن لڳائجي ته جيئن اوهان جي کل اس جي ناڪاري اثرن کان محفوظ رهي سگهي.

ان کانسواءِ سياري ۾ اس ۾ ويهڻ لاءِ صبح جي وقت جي چونڊ ڪريو ڇو ته ان وقت اس ايترو نقصان ناهي ڏيندي.

اج سان پنهنجي کل جي حفاظت ڪرڻ ضروري آهي، هڪ ڪاٿي موجب اس ۾ رهڻ سان 90 سيڪڙو نقصان جسم جي کليل حصن تي پوندو آهي، انهن حصن ۾ چهرو، ڪنڌ جو پويون حصو، ڪنڌ جي سامهون وارو حصو، ٻانهن ۽ هٿن جون مٿيون حصو شامل آهي.

الٽرا وائليٽ شعاع ٽن قسمن جا هوندا آهن جن مان رڳو ٻن قسطن جا شعاع زمين تائين پهچندا آهن، هڪ الٽرا وائليٽ اي ۽ ٻيو الٽرا وائيليٽ بي.

انهن ٻنهي قسمن جي شعاعن سان فري ريڊڪلز پيدا ٿيندا آهن جيڪي کل جي صحتمند سيلز کي ختم ڪندا آهن ۽ کل لاءِ ٻيهر بحالي ڏکي ٿي ويندي آهي.

اهي ٻئي شعاع کل جي ڪينسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

الٽرا وئليٽ ريڊيئيشن کل جي لچڪ ختم ڪندي آهي ان سان گهنج به پئجي ويندا آهن.

اوهان جي کل ڪجهه جاين تان ٿلهي ۽ سخت ٿي ويندي آهي ۽ ڪٿان سنهڙي ۽ ڍري ٿي ويندي آهي.

کل تي ڀورا تر به ظاهر ٿي پوندا آهن.

ٽن اهم قسمن سميت کل جي ڪينسر جا مختلف قسمن آهن جن ۾ ميلوناما کل جو سڀ کان خطرناڪ مرض آهي، ان جو اهم سبب الٽرا وئليٽ شعاع هوندا آهن.

کل جي تحفظ لاءِ سن اسڪرين استعمال ڪريو يا اس جي اثرن کان بچڻ لاءِ مٿو ڍڪيل رکو ۽ ڪنهن به نقصان کان اڳ احتياط ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.