نه بجلي هئي نه گهڙيال، ميڻ بتي وقت ٻڌائيندي هئي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ڪلهه جي جديد دور ۾ گهڙيون ۽ موبائيل فونز موجود آهن جن تي الارم سيٽ ڪري ماڻهو سڪون جي ننڊ ڪري ٿو ۽ الارم وڄڻ تي هو جاڳندا آهن.

پر آڳاٽي دور ۾ نه الارم هئا ۽ نه ئي بلب هوندا هئا.

پوءِ ان دور جا ماڻهو ميڻ بتي کي استعمال ڪندا هئا، ميڻ بتي کين وقت جو پتو ڏيندي هئي.

الارم لاءِ هڪ خاص قسم جي ميڻ بتي هوندي آهي جنهن ۾ نشان ٺهيل هوندا آهن جيڪي سڙڻ سان گڏوگڏ وقت گذرڻ جي نشاندهي به ڪندا آهن.

اها ماضي ۾ گهر اندر وقت ٻڌائڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي، خاص طور تي رات جي وقت ۽ جهڙالن ڏينهن ۾ ميڻ بتي تي وقت جو اندازو لڳايو ويندو هو.

ميڻ بتي تي هڪ خاص جاءِ تي ڪوڪو هڻي ان کي ٽائمر ۾ تبديل ڪيو ويندو هو.

جڏهن ڪوڪي جي چوڌاري ميڻ ڳري ويندو هو ته ڪوڪو ڪري پوندو هو ۽ کڙڪو ٿندو هو ۽ اهو کڙڪو گهنٽي جو ڪم ڪندو هو.

اهڙومثال قديم 520 عيسوي ۾ لکيل هڪ چيني نظم ۾ ملي ٿو.

اها ميڻ بتي ڏهين صدي جي شروعاتي دور ۾ جاپان ۾ به استعمال ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.