ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مائڪروسافٽ ڪارپوريشن جي ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم لاءِ سپورٽ ختم ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 240 ملين ڪمپيوٽرن کي ڊسپوز ڪيو ويندو.
انهن 24 ڪروڙ ڪمپيوٽرن مان اليڪٽرانڪ ڪچري جو وزن 480 ملين ڪلوگرام ٿي سگهي ٿو.
ڪيترائي ڪمپيوٽر او ايس سپورٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ سالن تائين فعال رهي سگهن ٿا.
Kenless جي تحقيق خبردار ڪيو آهي ته انهن ڊوائيسز جي گهرج سيڪيورٽي اپڊيٽ کان سواء گهٽجي سگهي ٿي.
Microsoft اعلان ڪيو آهي ته سيڪيورٽي اپڊيٽ ڏيڻ لاءِ Windows 10 تي سالياني في ورتي ويندي.
مائيڪروسافٽ جو منصوبو ونڊوز 10 کي 2025 تائين ختم ڪرڻ آهي.
او ايس جي ايندڙ جنريشن ڪمپيوٽرن کي جديد هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي آڻڻ جي اميد رکي ٿي.
مائيڪروسافٽ تي آڱر کڄي رهي آهي ته ونڊويز 11 کي نه هلائي سگهندڙ ڪمپيوٽرن کي ڪيئن ٺڪاڻي لڳايو ويندو؟ پر مائيڪروسافٽ ان سوال تي خاموش آهي.
خيال رهي ته ونڊيوز 11 هلائڻ لاءِ وڏي پئماني جو هارڊ ويئر گهربل آهي ۽ ننڍا ڪمپيوٽر بيڪار ٿي ويندا.