چونڊن جي ميدان ۾ لهڻ ڏکيو، پي ٽي آءِ بيٽ جي نشان کان محروم

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجون چونڊون پارٽي جي آئين موجب ناهن ڪرايون جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ بيٽ جي نشان جي اهل نه آهي.
اليڪشن ڪميسن جي فيصلي کان پوءِ پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ناهي رهيو.
واضح رهي ته ان کاناڳ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي چيو هو ته هو پنهنجي انٽرا پارٽي اليڪشن ٻيهر ڪرائين.
پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائي جنهن ۾ گوهر خان کي بنا مقابلي چيئرمين چونڊيو ويو.
پر پي ٽي آ3 جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي ته پي ٽي آءِ جي اليڪشن ان جي آئين موجب ناهي ٿي.
اهو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ هليو ۽ پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي فيصلي کان روڪيو پر پوءِ اڄ جي فيصلي جي هدايت ڪئي هئي.
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارتي اليڪشن جو فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان کسيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.