پنجاب جي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر جمال ناصر چيو آهي ته غير قانوني پارلرز خلاف ڪارروائي تيز ڪنداسين.
هن چيو ته اها ڳالههه خانگي ٽي وي چينل جي سان ڳالهائيندي ڪئي.
هن چيو ته غيرقانوني بيوٽي پارلرز پنهنجون ڪريمون ٺاهي رکيون آهن جن جا سرٽيفڪيٽ نه آهن، ڪنهن کي به خبر نه آهي ته اهو ڪيئن ٿيون ٺهن ۽ انهن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون وڌيون وڃن ٿيون.
صوبائي وزير چيو ته ڪيترائي بيوٽي پارلرز رنگ ڀورو ڪرڻ واري انجيڪشن لڳائڻ سان لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن، اها انجيڪشن پاڪستان ۾ رجسٽرڊ نه آهي ۽ نه ئي ان کي امپورٽ ڪرڻ جي اجازتآهي.
سندس چوڻ هو ته اهي سمورا ڪم غيرقانوني آهن جيڪي ماڻهو پاڻ ڪريمون بڻائي رهيا آهن انهن تي ڪريڪ ڊائون ڪنداسين ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن جي ڪلينڪ سيل ٿي وينديون، مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڊاڪٽر جمال ناصر چيو ته رنگ ڀورو ڪندڙ ڪريمن ۽ انجيڪشنز سان مختلف بيماريون به ٿي سگھن ٿيون.