آصف زرداري ۽ مراد علي شاهه نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) 2024ع جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.
نوابشاهه ۾ قومي اسيمبلي جيتڪ اين اي 207 تي آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.
اڳوڻي صدر ۽ پ پ پارليامينٽيرينز جي چيئرمين آصف زرداري جا نامزدگي ڪاغذ سندس ڀيڻ عذا فضل پيچوهو جمع ڪرايا.
انهيءَ تڪ تي پي ٽي آءِ هي فاروق چانڊيو ۽ جي ڊي اي جي زاهد شاهه به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.
ٻي پاسي پاسي سنڌ جي اڳوڻي وزير وزير سيد مراد علي شاهه به پي ايس 77 سيهوڻ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي ڏسي رهيو آهيان، سنڌ سميت سڄي پاڪستان مان ماڻهو پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.