ميرا جي دولت لٽجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ميرا جي گهر مان هيرن جي هار سميت قيمتي شيون چوري ٿي ويون.

لاهور جي ڊفينس ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرائيندي ميرا جو چوڻ هو ته خميس رات سندس گهر مان هڪ ڪروڙ رپين جون شيون چوري ٿيون آهن. ميرا الزام پنهنجي گهر جي هڪ ملازم تي لڳايو آهي.

ميرا جي بيان موجب هو رات ساڍي ٻارهين وڳي شاپنگ ڪري گهر وئي ته زيورن مان 2 هيرن جا سيٽ ۽ هڪ گهڙي گم هئي ۽ جڏهن ته مون ملازم قاسم جي پڇا ڪئي ته اهو موجود نه هو ۽ سندس موبائيل فون به بند آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.