ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ڪلين سوئيپ ڪندي.
ڪراچي جي تڪ اين اي 244 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم نوجوانن کي موقعو ڏئي رهي آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي بنيادي مطالبي کي مڃي نامزدگي ڪاغذن لاءِ وقت وڌايو ويو. اسان اليڪشن ڪميشن جا ٿورائتا آهيون.
سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم ۾ عوامي حلقا آهن ۽ منشوري جي تياري جي آخري مرحلن ۾ آهي.
فاروق ستار چيو ته چونڊن کان اڳ ڳالهيون ٿيڻ گھرجن، قومي مفاهمت ۽ اتفاق ٿيڻ گھرجي.
سندس چوڻ هو ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ضلعن کي بااختيار بنائڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.