سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي فيصلي ۾ جسٽس اطهر من الله جو واڌو نوٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس اطهر من الله سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري فيصلي ۾ واڌو نوٽ لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي 8 فيبروري تي عام چونڊن جا خواهشمند اميدوار آهن.
جسٽس اطهر من الله نوٽ ۾ سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي کي چونڊن کان اڳ گرفتار رکڻ ضروري آهي يا نه؟ چونڊن جي گذريل ستن ڏهاڪن کان تاريخ ڏسڻ ضروري آهي، هڪ وڏي سياسي جماعت جو باني آهي ۽ ٻيو شاهه محمود قريشي اعليٰ عهدي تي آهي.
جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيوته ملڪ ۾ حقيقي چونڊن لاءِ سڀني اميدوارن کي هڪ جهڙو موقعو ڏيڻ آئيني ضرورت آهي، ڪنهن فرد تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو دارومدار هجي ته ضمانت لاءِ اهو ئي بنياد ڪافي آهي.
اضافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ کان ئي ملڪ ۾ جمهوريت کي چٿيو ويو، ملڪ ۾ ضرورت جي نظريي کي جاءِ ڏني وئي، فيڊرل ڪورٽ جي ضرورت جي نظريي سان ملڪ ۾ سياسي انتقام جو بنياد پيو،ملڪ ۾ وقت کان اڳ عهدن تان هٽايل سڀني وزيراعظمن کي حراست ۾ رکيو ويو آهي، ملڪ ۾ وزيراعظمن کي نااهل ڪيو ويو.
جسٽس اطهر مان الله واڌو نوٽ ۾ چيو ته 2018ع وارين عام چونڊن جو مثال موجود آهي جڏهن هڪ وزيراعظم کي نااهل ڪري ليول پليئنگ فيلڊ کسي وئي، هڪ اڳوڻي وزيراعظم کي ڦاهي چاڙيو ويو ۽ سندس جنازو به پڙهڻ نه ڏنو ويو، مڪ جي اڌ زندگي کي ڏاڍ جي طور تي آمر جي حڪومت ۾ رکيو ويو جنهن کي سزا به نه ٿي، چونڊيل نمائندن کي سياسي اختلاف تي نشانو بڻائڻ جي تاريخ ماضي جي ڪتابن مان نٿي نڪري سگھي.
جسٽس اطهر من الله لکيو ته اليڪشن ڪميشن کي يقيني بڻائڻ گھرجي ته ڪنهن هڪ سياسي جماعت کي چونڊن کان اڳ نشانو نه بڻايو وڃي،چونڊن جي وقت سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ جي روايت موجوداڪيس ۾ ضمانت ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي، درخواست گذارن ريپ يا ٻارن سان زيادتي جهڙو ڪو به سنگين ڏوهه ناهي ڪيو،سائفر ٽرائل هلي رهيو آهي ۽ درخواست گذارن کي جيل ۾ رکڻ ظاهري طور تي ضروري نه آهي.
واڌو نوٽ ۾ چيو ويوته حقيقي چونڊون ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي ته درخواست گذارن کي ضمانت ڏني وڃي، درخواست گذارن جي ضمانت سان عوام پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري سگھندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.