اياز کي ترجمي ۾ قيد نه ٿو ڪري سگهجي، سڄي هندستان جو آواز هو:اصغر نديم سيد

حيدرآباد: نامياري ليکڪ ۽ ڊراما نگار اصغر نديم سيد چيو آهي ته شيخ اياز کي ترجمي ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي، شيخ اياز سڄي هندستان جو آواز هو، اياز دنيا جي علم کي پڙهيو ۽ پرکيو، شيخ اياز چيو هو ته دنيا کي هڪ  ڪرڻو آهي تھ ثقافت، تاريخ ۽ ٻولين جي خدمت ڪيو، شيخ اياز سنڌ جي ڍنڍن جو اهڙو پکي هو جنهن جي ڪنهن کي بھ خبر نه هئي ته هو ڪٿان آيو آهي. ثقافت کاتي جي اڳوڻي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته پنجاب جيڪڏهن سنڌ کي سمجهڻ ۾ دير ڪئي آهي ته ان ۾ پنجاب جي ڪوتاھي ٿي سگهي ٿو، پر سنڌ ته ڪشمير تائين رهي آهي، سنڌ تہ صدين کان سڀني کي سمجھي ٿي، سنڌو درياهه جو اهو معجزو آهي ته ان جي ڪناري تي شيخ اياز پيدا ٿيو. ھن چيو تھ سنڌ جو سڀ کان وڏو معجزو شاھ لطيف آھي. ھن چيو ته شيخ اياز کي صرف سنڌي ٻولي جو شاعر سمجھڻ اھا سڀ کان وڏي زيادتي ھوندي، بلاول ڀٽو جو اياز ميلي ۾ اچڻ سنڌ جي شعور سان گڏ ھجڻ ۽ اياز ميلي جي مالڪي ڪرڻ به آھي. هن چيو تھ تخليقڪارن کي هڪ نظريي سان ڳنڍڻ زيادتي آهي، شيخ ايازجي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو جو شاعر آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو به شاعر آھي، سيد سردار شاھ  شيخ اياز جي شھيد ڀٽو جي شھادت تي لکيل شاعري جو ھڪ حصو پڻ پڙھي ٻڌايو. فيس ٽو فيس ڪتاب جي ليکڪ زاھد حسين چيو تھ ھي ڪتاب شھيد بينظير ڀٽو جي سياسي جدوجھد جي تاريخ آھي، ھن ڪتاب ۾ شھيد بينظير ڀٽو جا انٽرويوز شامل آھن. ھن چيو ته بلاول ڀٽو عوام جي اميدن تي پورو لھڻ لاءِ جمھوري جدوجھد کي اڳيان وڌائي. نامياري شاعره سحر امداد چيو تھ شيخ اياز 20 ھين صدي جو وڏو شاعر ھو، سنڌ ڀاڳ واري ڌرتي آھي جنھن جي مٽي مان اھڙا انيڪ شاعر پيدا ٿيندا رھيا آھن، سنڌ جي ھزارين سالن جي تاريخ ۽ تھذيب آھي. اياز ميلي جي آرگنائيزر ۽ نامياري ليکڪہ امر سنڌو آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ اياز ميلو مسلسل لڳائي رھيا آھيون، ھي نائون اياز ميلو آھي، ڪجھ سالن کان ثقافت کاتو بھ اياز ميلي ۾ پنھنجو ڀرپور سھڪار ڪري رھيو آھي. ھن چيو تھ اياز جي شاعري ۾ مزاحمت ملي ٿي، شيخ اياز ان ڌرتيءَ جو شاعر آهي، جنهن جو بنياد ۽ مٽيءَ ۾ سنڌ جي خوشبو آهي، هن چيو ته شيخ اياز ميلو ڪرائڻ اسان جي وڏي خوش قسمتي آهي. تقريب جي ڪارروائي ھلائيندڙ ڊاڪٽر عرفانا ملاح چيو ته اياز نوجوانن کي نئين سوچ ۽ انقلاب سان عشق ڪرڻ سيکاريو، اياز ان ڌرتي جو شاعر آهي، جتي لطيف موجود آهي، هي اياز جي عوامي شخصيت جو اظهار آهي، جنھن ۾ بلاول ڀٽو آيو آھي، بلاول ڀٽو ھن ملڪ جي سياست ۾ ھڪ مدبر سياسي سوچ وارو عوامي ۽ جمھوري اڳواڻ آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.