جڊيشل ڪميشن رولز ڪميٽي جو ججن جي مقرري لاءِ عورتن کان تجويزون وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن رولز ڪميٽي ججن جي مقرري لاءِ عورتن جون تجويزون وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب جڊيشل ڪميشن رولز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن رولز ڪميٽي جو اجلاس 16 ڊسمبر تي ٿيو، جسٽس رٽائر منظور ملڪ به اجلاس ۾ شريڪ هو، جڊيشل ڪميشن رولز ڪميٽي جي اجلاس ۾ عدالتن ۾ ججن جي مقرري جي طريقي ڪار تي غور ڪيو ويو.
جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي ججن جي مقرري جي رولز ۾ ترميم لاءِ جسٽس عائشا ملڪ ۽ جسٽس مسرت هلالي کان تجويزون گهري ورتيون، ڪميٽي ججن جي مقرري جي رولز ۾ ترميم لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪوثر سلطان کان به تجويزون گهري ورتيون.
پڌرائيءَ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثمن رفعت امتياز کان به تجويزون گهريون ويون، ڪميٽي ترميم لاءِ جسٽس (ر) طاهرا صفدر ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج (ر) ماهه رخ عزيز کان به تجويزون گهريون، ڊسٽرڪٽ سيشن جج (ر) حيات عيل شاهه کان به تجويزون گهريون ويون.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڊسٽرڪٽ سيشن جج (ر) امداد کوسي، راشد محمود، وڪيل حنا جيلاني ۽ ريما عمر کان به تجويزون گهريون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.