عام چونڊن ۾ ڪنهن کي اڪثريت ملندي؟ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪري ڇڏي

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته 2018 ۾ جيڪو پي ٽي آءِ باني لاءِ ڪيو ويو، هاڻ اهو نواز شريف لاءِ ٿي رهيو آهي.
خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته هر جماعت کي فري اينڊ فيئر اليڪشن وڙهڻ جو حق ڏنو وڃي، پي ٽي آءِ باني به چونڊ وڙهي سگهي ٿو، جلد خبر پئجي ويندي، پي ٽي آءِ سميت هر جماعت کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي.
هن دعويٰ ڪئي ته ڪنهن هڪ جماعت کي اڪثريت نه ملندي، سڀ سيٽون حاصل ڪندا، پ پ جو ڪجهه پارٽين سان مقابلو ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته ن ليگ سان اتحاد نه ٿيندو، وفاق ۾ به پ پ جي حڪومت ٺهي سگهي ٿي، جڏهن ته اسان سان رٺل ماڻهو پير پاڳاري وٽ ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.