پ پ چيئرمين پارٽي جي مرڪزي عهديدارن جي مقرري جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي مرڪزي عهديدارن جي مقرري جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب پ پ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج حيدر هوندو، نيئر بخاري کانپوءِ سيڪريٽري جنرل جو عهدو خالي هو.
بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جا 5 ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل به مقرر ڪري ڇڏيا، جن ۾ مراد علي شاهه، ذوالفقار علي بدر، صابر بلوچ، همايون خان ۽ محمود حيات شامل آهن.
پ پ چيئرمين جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومري طرفان مقررين جو باضابطا طور نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.