اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي وزيرن چيو آهي ته بلوچستان مان آيل مڪمل طور پرامن رهيا، ڪجهه مقامي ماڻهن مسئلا پيدا ڪيا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير فواد حسن فواد چيو ته مارچ ۾ شريڪ عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، رڳو اهي ماڻهو تحويل ۾ آهن، جن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.
ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ڪميٽي جوڙي، حڪومت طرفان فواد حسن فواد ڳالهه ٻولهه ڪئي.
فواد حسن فواد چيو ته کڻي خبر کڻي آيا آهيون، احتجاج ڪندڙن کي ايڇ 9 ۽ پوءِ ايف 9 پارڪ جي تجويز ڏني وئي هئي، ڪجهه مقامي ماڻهن مُنهن لڪائي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته گذريل 23 ڏينهن کان ڪجهه ماڻهو پريس ڪلب سامهون ويٺل هئا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن موجب رپورٽ سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.
بلوچستان مان آيل ماڻهو مڪمل پرامن رهيا، ڪجهه مقامين مسئلا پيدا ڪيا: وفاقي وزير
You might also like