ڪاٽن بڊز کانسواءِ ڪن جي صفائيءَ جو سولو طريقو!

جيڪڏهن اوهان ٻڌو آهي ته ڪيوٽپ (Q-tip) يا ڪاٽن بڊز کي ڪنن جي صفائي لاءِ استعمال ڪرڻ خطرناڪ آهي ته ها اها افواهه نه پر درست ڳالهه آهي.
طبي ماهرن موجب ڪاٽن بڊز صفائي بدران ڪنن ۾ گڏ ٿيندڙ مير کي ڪن جي پردي ڏينهن ڌڪي ڇڏيندا آهن.
حقيقت ۾ ان جي استعمال سان ڪنن جي پردن کي نقصان پهچڻ جو خطرو به وڌندو آهي ۽ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم به سگھجي ٿو.
واضح رهي ته ڪن ۾ گڏ ٿيندڙ مواد حفاظتي ڍال جيان ڪن جي پردي کي جيتن کان بچائڻ جو ڪم ڪندو آهي.
جيڪڏهن پوءِ به اوهان ڪن کي صاف ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان جو هڪ سولو طريقيڪار به موجود آهي.
پاڻي ڪنن جي صفائي لاءِ بهترين ثابت ٿيندو آهي پر ان کي استعمال ڪرڻ جو طريقيڪار خبر هجڻ گھرجي.
ته پوءِ ڪنن کي ڪيئن صاف ڪجي؟
صاف ۽ هلڪي گرم پاڻي کي ڪنهن ٿانو ۾ وجهو (جيڪڏهن اوهان جي دل چوي ته ان ۾ ڪجهه ڦڙا هائڊروجن پري آڪسائيڊ گڏايو).
ان کان پوءِ سئيءَ کانسواءِ واري سرنج کي پاڻي سان ڀريو يا پلاسٽڪ بيڪ يا بوتل ۾ سُئيءَ سان سوراخ ڪري پاڻ ڀري ڇڏيو.
جيڪڏهن کاٻي پاسي وارن کي ڪن کي صاف ڪرڻ چاهيو ٿا ته ساڄي هٿ سان ان کي پڪڙي ٿورو مٿي ڪري وٺو.
ان کان پوءِ سرنج، پلاسٽڪ بيڪ يا بوتل سان پاڻ کي مناست دباءَ سان ڪن ۾ داخل ڪريو.
جڏهن ڪن ۾ گڏ ٿيل مواد نڪري اچي ته ان جو مطلب آهي ته صفائي مڪمل ٿي وئي آهي، پر جيڪڏهن 5 منٽن تائين ائين نه ٿئي ۽ تڪليف يا مٿي کي چڪر اچڻ جو احساس ٿئي ته فوري طور تي هو عمل روڪي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ان طريقيڪار کي ورجايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.