ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته پاڻي ۾ آڱرين کي گھڻي دير تائين ڀڄائڻ سان انهن تي گھنج ڇو پئجي ويندا آهن؟. حقيقت ۾ ان جي پٺيان تنتي سرشتي (Nervous system) جو هٿ آهي.
پاڻي ۾ گھڻي دير تائين رهڻ کان پوءِ آڱرين تي گھنج پوڻ جي عمل کي انگريزي ۾ aquatic wrinkling چيو ويندو آهي. شروعاتي طور تي گھنجن جو سبب کَلَ ۾ پاڻ جذب ٿيڻ کي سمجهيو ويندو هو پر هاڻوڪن مطالعن ان کي غلط ثابت ڪيو آهي.
پاڻيءَ جي ڪري آڱرين ۾ گھنج پوڻ جي عمل جي پٺيان حقيقت ۾ تنتي سرشتي جو هٿ آهي. پاڻي ۾ ٻڏڻ تي تنتي سرشتو کل جي مٿن تهن ۾ رت جي نالين ۾ ٿوري تبديلي آڻيندو آهي. ان تبديلي جي ڪري کل سسي ويندي آهي ۽ گھنج ظاهر ٿي ويندا اهن.
اهو مڃيو ويندو آهي ته اهو ردعمل آلي ماحول ۾ گرفت کي وڌائڻ لاءِ ٿيندو آهي ۽ شين کي بهتر طريقي سان سنڀالڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
گھنج پوڻ جو اهو عمل خود مختيار تنتي سرشتي جي تحت ٿيندو آهي. اهو انهن ماڻهن ۾ ناهي ٿيندو ججن جي آڱرين ۾ تنتي حسيات جو نقص هجي. بهرحال اهو هڪ عارضي ردعمل آهي جيڪو کل خشڪ ٿيڻ کان پوءِ معمول تي اچي ويندو آهي.
You might also like