ايندڙ سال ڪيتريون سرڪاري موڪلون هونديون؟ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سال 2024 ۾ عام ۽ اختياري موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
ڪابينا ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 2024 ۾ ڪُل 39 موڪلون هونديون، جنهن ۾ 16 عام موڪلون، جڏهن ته 23 اختياري موڪلون هونديون.
نوٽيفڪيشن موجب 5 فيبروري تي ڪشمير ڏهاڙي، 23 مارچ تي پاڪستان ڏهاڙي، پهرين مئي تي مزدور ڏهاڙي جي موڪل هوندي.
10 کان 12 اپريل تائين عيدالفطر جون 3 موڪلون هونديون، 17 کان 19 جون تائين عيدالاضحيٰ جون 3 موڪلون، 16 ۽ 17 جولاءِ تي نائين ۽ ڏهين محرم جي موڪل هوندي.
14 آگسٽ تي آزادي ڏهاڙي، 16 سيپٽمبر تي عيد ميلاد النبي صه جي موڪل هوندي.
9 نومبر تي اقبال ڏهاڙي، 25 ڊسمبر تي قائد اعظم جي پيدائش جي موقعي تي موڪل هوندي، جڏهن ته 26 ڊسمبر تي عيسائي ملازمن لاءِ ڪرسمس جي عام موڪل هوندي.
سال 2024 ۾ پهرين جنوري، 11 مارچ ۽ پهرين جولاءِ تي بئنڪن جي موڪل هوندي.
مسلم حڪومتي ملازمن کي هڪ سال ۾ هڪ کان وڌيڪ آپشنل موڪل نه ملندي، جڏهن ته غير مسلم حڪومتي ملازمن کي سال ۾ 3 کان وڌيڪ آپشنل موڪلون نه ملنديون.
سال 2024 لاءِ اسلامي موڪلون امڪاني تاريخن جي حساب سان طئي ڪيون ويون آهن، چنڊ نظر اچڻ جي حساب سان موڪلن جو الڳ نوٽيفڪيش جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.