پي سي بي ۾ اهم ذميواريون، اظهر علي جو ڪڻو به نڪري آيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر اظهر علي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اهم ذميواريون ملڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪجهه ڏينهن اڳ ڊائريڪٽر نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاءِ اشتهار جاري ڪيو هو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته ان عهدي لاءِ اظهر علي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ معاملا گهڻي حد تائين حل ٿي چڪا آهن.
ذريعن موجب اظهر علي کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر بڻائڻ جي معاملي تي هن مهيني جي آخر ۾ حتمي اعلان ڪيو ويندو ۽ اڳوڻو ڪپتان ايندڙ مهيني پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو.
واضح رهي ته اظهر علي پاڪستان لاءِ 97 ٽيسٽ ۽ 53 ون ڊي ميچون کيڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.