اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شيخ اختر حسين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي ترجمان موجب وفاقي جاچ اداري اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد جوابدار کي گرفتاري کان اڳ ضمانت رد ٿيڻ تي گرفتار ڪيو.
اختيارين ٻڌايو ته جوابدار شيخ اختر حسين جعلي ڊگري تي سي اي او جي مقرري حاصل ڪئي، ملازمت حاصل ڪرڻ لاءِ جوابدار جي پي ايڇ ڊي ڊگري جعلي نڪتي.
ايف آءِ اي ترجمان موجب شيخ اختر حسين 2018 ۽ 2019 دوران ڊريپ جو سي اي او رهيو.
You might also like