چانهه تان جهيڙو،مڙس زال جو ڳلو ڪپي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ زال مڙس وچ ۾ چانهه ٺاهڻ تي جهيڙو ٿيو جنهن ۾ مڙس زال جو ڳلو ڪپي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو غازي آباد جي علائقي ۾ پيش آيو جتي مڙس ڌرم وير ۽ سندس زال سندري وچ ۾ چانهه تي جهيڙو ٿيو.
پوليس ٻڌايو ته اڱاري جي رات جو ٻنهي ۾ جهيڙو شروع ٿيو ۽ ڌرم وير ڪاوڙ ۾ اچي زال جي ڳلي تي تيز اوزار سان چار وار ڪيا.
پوليس موجب زال تي حملو ڪرڻ بعد ڌرم وير موقعي تان فرار ٿي ويو جڏهن ته پٽ پاران پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو ويو ۽ شڪايت داخل ڪرائي.

یہ واقعہ غازی آباد کے علاقے میں پیش آیا جہاں شوہر دھرم ویر اور ان کی اہلیہ سندری کے درمیان چائے بنانے پر جھگڑا ہوا/ فوٹو بھارتی میڈیا
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس جي پهچڻ تي عورت دم ڏئي ڇڏيو هو، لاش کي تحويل ۾ ورتو ويو ۽ ڇاپن دوران جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.