شمسي نظام جي انوکي سياري جو انوکو روپ

جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ اسان جي شمسي نظام جي سياري يورينس جو اهو روپ پيش ڪيو آهي جيڪو پهريان ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ناهي آيو.
آمريڪي خلائي اداري ناسا پاران جاري ڪيل تصوير جي سڀ کان خاص ڳالهه يورينس جي چوڌاري نظر ايندڙ رِنگز آهن جيڪي عام طور تي نظر ناهن اينديون.
هونئن ته جيمز ويب ڪائنات جي ڏورانهن حصن جون دنگ ڪري ڇڏيندڙ تصويرون ڪڍندڙ اسپيس ٽيلي اسڪوپ آهي پر اها اسان جي شمسي نظام جا نوان تفصيل به سامهون آڻي رهي آهي.
اسان جي شمسي نظام جي ستين سياري يورينس جي پهرين تصوير وائجر 2 1986ع ۾ ڪڍي هئي، جنهن اهو شوخ نيري رنگ جو سيارو نظر ايندو هو.
پر جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ نيئر انفراريڊ ٽيڪنالاجي ذريعي ان سياري جي اکين کان لڪيل عنصر کي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو آهي.
ناسا اپريل ۾ به جيمز ويب ذريعي ورتل يورينسجي تصوير جاري ڪئي هئي پر نئين تصوير ۾ وڌيڪ تفصيل موجود آهن.
سيپٽمبر ۾ ڪڍيل ان نئين تصوير ۾ يورينس جون رنگز چمڪي رهيون آهن جڏهن ته ان سياري جا 27 مان ڪجهه چنڊ (نيرا نقطا يا بلو ڊاٽس) به ڏسي سگھجن ٿا.

یورینس / فوٹو بشکریہ ناسا
ان تصوير ۾ هڪ خاص ڳالهه ان جي اتر قطب کي ڏيکارڻ آهي.
تصوير ۾ سياري جي آب هوا جي جهلڪي به ڏسي سگھجي ٿي ۽ قطبي حصي ۾ طوفان نظر اچي رهيا آهن.
واضح رهي ته سيارو ايراضي جي اعتبار سان اسان جي شمسي نظام جو ٽيون جڏهن وزن جي حساب سان چوٿون وڏو سيارو آهي.
يورينس اهڙو انوکو سيارو آهي جيڪو پنهنجي مدار جي چوڌاري ترڇي انداز ۾ گردش ڪندو آهي.
يورينس جو هڪ سال زمين جي 84 سالن جي برابر هوندو آهي پر اتي هڪ ڏينهن رڳو 17 ڪلاڪن جو هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.