ملڪ جي مشهور سيلولر ڪمپني ”جاز“ تيز ترين انٽرنيٽ سروس جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
ڪمپني طرفان پنهنجي آپٽيڪل فائبر نيٽ ورڪ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انٽرنيٽ جي رفتار حيران ڪندڙ طور 1.6 ٽيرابائٽس في سيڪنڊ (ٽي بي بي ايس) حاصل ٿي.
اهو تجربو 13 ڊسمبر تي چيني ڪمپني هوائي جي جديد ترين ڪيپلر پليٽ فارم ذريعي ڪيو ويو.
تجويز ڪيل تجربي کانپوءِ جاز يورپ، وچ اوڀر ۽ آفريقا جي پهرين ڪمپني بڻجي وئي آهي، جنهن ان قدر تيز رفتار انٽرنيٽ جو تجربو ڪيو آهي.
جاز جي سي ٽي او خالد شهزاد ان موقعي تي چيو ته جاز ۽ پاڪستان جي ٽيلي ڪميونيڪيشنز سيڪٽر لاءِ اهو هڪ تاريخي لمحو آهي.
واضح رهي ته 1.6 ٽيرابائٽس في سيڪنڊ جي اسپيڊ رکندڙ ان انٽرنيٽ ذريعي واهپيدار هڪ سيڪنڊ ۾ 2 لک 80 هزار گانا ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا.
ان اسپيڊ تي 5 لک 32 هزار تصويرون ڊائون لوڊ يا اپ لوڊ ڪري سگهجن ٿيون، 16 لک ويب سائيٽ هڪ سيڪنڊ ۾ وزٽ ڪري سگهجن ٿيون.
4 ڪروڙ 56 لک اي ميلز (ٽيڪسٽ) موڪلي سگهجن ٿا، 56 لک آڊيو گيت هلائي سگهجن ٿا ۽ هڪ سڪينڊ ۾ فور ڪي ڪوالٽي جون 80 هزار وڊيوز اسٽريم ڪري سگهجن ٿيون.
Next Post
You might also like