فيض آباد ڌرڻو ڪميشن، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد لاءِ سوالنامو تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيض آباد ڌرڻي بابت ڪميشن ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد لاءِ سوالنامو تيار ڪري ورتو.
ذريعن موجب ڪميشن هلندڙ هفتي جي آخر تائين فيض حميد کي ايندڙ هفتي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميشن ۾ آءِ بي آفيسر ساجد ڪياني بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، ساجد ڪياني 2017 ۾ ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد هو.
واضح رهي ته نگران حڪومت گذريل مهيني فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ عدالتي فيصلي تي عمل ۽ ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ 3 رڪني انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.