چين ۾ زلزلو، 118 ڄڻا فوت

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي اتر اولهه حصي ۾ زلزلي ۾ فوتين جو انگ 118 ٿي ويو.
چيني ميڊيا موجب ريسڪيو اهلڪارن طرفان ملبي مان ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي.
چين ۾ رات دير سان آيل زلزلي جي شدت 6.2 رڪارڊ ڪئي وئي هئي، اختيارين موجب زلزلو گانسو ۽ ڪنگ هاءِ صوبن ۾ آيو.
زلزلي جي اونهائي 35 ڪلو ميٽر ۽ ان جو مرڪز گانسو جي تخت گاهه لانزو کان 120 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو.
چيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته گانسو ۾ 105 ۽ ڀر واري صوبي ڪنگ هاءِ ۾ 13 فوتگيون ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.