ڍاڪا ۾ مسافر ٽرين ۾ باهه لڳڻ سبب 4 ڄڻا فوت

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي تخت گاهه ڍاڪا ۾ مسافر ٽرين ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ٽرين ۾ باهه جي واقعي جو الزام اپوزيشن ڪارڪنن تي هنيو آهي.
ڍاڪا ريلوي پوليس جي سربراهه انور حسين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شڪ آهي ته مسافرن ٽرين ۾ تخريبڪاري ڪئي، جن هڙتال ۽ ٽرانسپورٽ بلاڪ ڪئي ۽ باهه ڏني.
پوليس موجب هڪ هفتي ۾ ٽرين تي شڪي حملي جو اهو ٻيو واقعو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.