نادرا واٽس ايپ تي اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نادرا عوام جي سهولت لاءِ نادرا بزنس واٽس ايپ چينل ٺاهي ڇڏيو آهي.

نادرا عملدارن موجب شهري هن چينل تي تازي ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا.

شهري هن لنڪ تي واٽس ايپ چينل کي سبسڪرائب ڪري سگهن ٿا.

واٽس ايپ چينل لنڪ

ٻئي پاسي نادرا چيو آهي ته گم ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ هاڻي ڪنهن دستاويزن جي ضرورت نه رهندي.

نادرا عملدارن جو چوڻ آهي ته شهري نادرا سينٽر وڃي گم ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ جي جاءِ تي نئون ٺهرائي سگهن ٿا پر هو پوليس ۾ رپورٽ ضرور ڪرائين.

اهڙي سهولت يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪ آءِ ڊي موبائيل ايپ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.