ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورلڊ گنيز بڪ ريڪارڊ رکندڙ اٺ فٽ ھڪ انچ قد جو مالڪ دنيا جو ٻيو نمبر ڊگھو شخص نصير سومرو اسپتال ۾ داخل آهي.
سنڌ سميت دنيا ۾ سڃاڻپ بڻيل نصير سومرو جي ڪنهن سار نه لڌي آهي.
سنڌ ڄائي نصير سومري چيو آهي ته سندس طبعيت ڊگهي وقت کان خراب آهي ۽ کيس اميد آهي ته سندس سار لڌي وڃي ته هو بچي سگهي ٿو.
هن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي آهي ته سرڪاري خرچ تي سندس علاج ڪرايو وڃي.