ن ليگ جي ٽڪيٽ لاءِ پيءُ ۽ پٽ ۾ ويڙهه، نواز شريف جي مداخلت

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف ٽڪيٽ تي جهيڙو ڪندڙ پيءُ پٽ ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو.
ن ليگ طرفان عام چونڊن لاءِ ٽڪيٽ وٺندڙ اميدوارن جا انٽرويو جاري آهن، اڄوڪي اجلاس ۾ فيصل آباد جي اميدوارن جون ٽڪيٽون فائنل ڪرڻ لاءِ نواز شريف جي صدارت هيٺ لاهور ۾ اجلاس ٿيو.
ن ليگ سان واسطو رکندڙ اڳوڻي ايم اين اي ميان محمد فاروق ۽ سندس پٽ معظم فاروق ۾ ٽڪيٽ تي ويڙهه ٿي پر نواز شريف پاڻ مداخلت ڪري ٻنهي ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو.
محمد فاروق جي هڪ پٽ قاسم فاروق اين اي 99 فيصل آباد 5 مان ٽڪيٽ لاءِ قيادت کي درخواست ڏني هئي، جڏهن ته ٻئي پٽ معظم فاروق به ان ئي تڪ مان پارٽي کان قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ گهري آهي ۽ ٻئي اڄ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا هئا.
نواز شريف معظم فاروق کي چيو ته پنهنجي پيءَ کان معذرت ڪيو ۽ ان جا پير پڪڙيو ۽ پنهنجي لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ آسانين جا طلبگار ٿيو.
معظم فاروق معذرت لاءِ پنهنجي والد وٽ ويو ۽ کانئس معافي گهري، جنهن تي ميان فاروق سندس معافي قبول ڪئي ۽ معظم جو مٿو به چميو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.