ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي هر شئي ايٽمي ذرن تي ٻڌل آهي، اهڙن عنصرن مان هڪ پوٽاشيم آهي جيڪو ڪيلي ۽ ٻين ڀاڄين ۽ ميون ۾ هوندو آهي ۽ پوٽاشيم تابڪاري شعاع خارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ڪيلي ۾ پوٽاسيم k-40 ايٽمز هوندا آهن جيڪي ٽٽي ويندا آهن ۽ انهن جي بدلي اليڪٽران (بيٽا تابڪاري) سان گاما شعاع خارج ڪندا آهن. اهي ٻئي تابڪاري شعاع انساني بافتن کي نقصان پهچائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
جيتوڻيڪ ڪيلي ۾ K-40 ايٽمز جو مقدار وڌيڪ ناهي هوندو، تنهن هوندي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪيلو کائڻ سان ڪيترو نقصان ٿي سگهي ٿو؟ ۽ ان کي کائڻ سان اصل خطرو ڪهڙو آهي.
مٿئين سوال جي جواب جو پتو تابڪار جي مقدار سان ڪري سگهجي ٿو جيڪي انساني بافتن ۾ جذب ٿيندا آهن ۽ ريم REM ۾ ماپيا ويندا آهن.
هڪ ڪيلي ۾ 450 ملي گرام پوٽاسيم هوندو آهي ۽ جڏهن ان کي کاڌو وڃي ته اهو انساني جسم ۾ ڪي 40 جو 0.01 ملي ريم جو مقدار خارج ڪري ٿو.
موت جي خطري لاءِهڪ ئي وقت گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ڪيلا کائڻ سان 10 ملي ريم تابڪاري خارج ٿيندي ۽ 10 لک مان هڪ فرد ۾ موت جو خطرو وڌندو.