مچل اسٽارڪ آءِ پي ايل جي تاريخ جو مهانگو ترين رانديگر بڻجي ويو

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ آءِ پي ايل جي تاريخ جو مهانگو ترين رانديگر بڻجي ويو.
آءِ پي ايل سيزن 2024 لاءِ رانديگرن جي ٻولي جي تقريب 19 ڊسمبر تي ٿي، جنهن ۾ فرنچائز پنهنجي ٽيم لاءِ بهترين رانديگرن کي ڪروڙين رپين ۾ خريد ڪيو.
آءِ پي ايل ۾ سن رائزرز حيدرآباد تازو آءِ سي سي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز کي ساڍا 20 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ خريد ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪمنز آءِ پي ايل جي تاريخ جو مهانگو ترين رانديگر بڻيو.
پر ڪمنز جو رڪارڊ ڪجهه منٽن ۾ ئي ٽٽي ويو ۽ شاهه رخ خان جي فرنچائز ڪلڪتا نائيٽ رائيڊرز مچل اسٽارڪ کي رڪارڊ 24 ڪروڙ 75 لک ڀارتي رپين ۾ خريد ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.