حليم عادل شيخ وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ کي وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ گرفتار ڪري ورتو.
حليم عادل شيخ کي فيروز آباد ٿاڻي ۾ 2022 جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملير سٽي ٿاڻي ۽ نيو ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن ۾ به کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽنهي ٿاڻن جي جاچ آفيسرن کي جيل ۾ جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
واضح رهي ته حليم عادل شيخ جي 9 مئي جي ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.