ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو سخت ناڪاري ڏينهن رهيو ۽ 100 انڊيڪس 2371 پوائنٽون ڪِري پيو.
اسٽاڪ ايڪسچينچ ۾ ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 2771 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي هنڊريڊ انڊيڪس 2371 پوائنٽون گهٽ ٿي 62833 تي بند ٿيو.
شيئرز بازار ۾ اڄ هڪ ارب 51 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 29 ارب رپين کان وڌيڪ رهي.
مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 362 ارب رپيا گهٽ ٿي 9093 رپيا آهي.
Next Post