سائنسدانن پاران مڇيءَ سان 20 منٽ ڪچهري ڪرڻ جي دعويٰ

الاسڪا (ويب ڊيسڪ) اهو ظاهري طور ڪنهن سائنس فڪشن فلم جي سين جيان لڳي ٿو پر آمريڪي سائنسدانن آمريڪي رياست الاسڪا ۾ هڪ وهيل مڇي سان 20 منٽ ڊگهي ڪچهري بعد وهيل مڇي سان ڳالهيون ڪرڻ کي ممڪن قرار ڏنو آهي.

ڏکڻ اوڀر الاسڪا ۾ 38 سالن جي ٽوين نالي وهيل مڇي اڳ کان رڪارڊ ڪيل ٽيليفونڪ ڪال جو رد عمل ڏيندي ايس اي ٽي آءِ انسٽيٽيوٽ ۽ يو سي ڊيوس جي محققن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

محققن جي ٽيم جو چوڻ هو ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته وهيل مڇين ۽ انسانن پنهنجي پنهنجي ٻولين ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ماهرن جو اهو به چون هو ته اهو اڳتي هلي مستقبل ۾ ٻي دنيا جي مخلوق سان ڳالهين جي صلاحيت جي امڪانن کي روشن ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.