پاڪستان ۾ ”منڪي پاڪس“ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي، هڪ ڄڻو فوت

اسلام آباد (وي ڊيسڪ) جسماني خارش سان ملندڙ جلندڙ بيماري ”منڪي پاڪس“ سبب پاڪستان ۾ پهريون مريض لاڏاڻو ڪري ويو.
صحت کاتي جي اختيارين موجب پمز اسپتال ۾ علاج هيٺ منڪي پاڪس جو پهريون مريض لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
پمز اختيارين ٻڌايو ته 40 ورهين جي مريض جو لاڏاڻو آچر جي صبح ٿيو، متاثر شخص ايڊز ۾ به مبتلا هو، جيڪو سعودي عرب کان واپس آيو هو.
اختيارين موجب منڪي پاڪس ۾ مبتلا مريض گذريل ڏيڍ مهيني کان علاج هيٺ هو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان بيماري جي علامتن ۾ بخار، مٿي ۾ سور، جلد تي خارش ٿيڻ شامل آهي، اها انتهائي ناياب قسم جي بيماري آهي، اهو انفيڪشن انسانن ۾ ٿيندڙ چيچڪ جي وائرس سان ملي ٿو.
ماهرن موجب اهو ٻين مرضن سان تيزي سان ناهي پکڙجندو، رڳو ويجهي لاڳاپن، خاص طور جسماني لاڳاپن سان هڪ مان ٻئي شخص ۾ منتقل ٿي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.