عالمي دٻاءُ به اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ڪري سگهيو

سموري دنيا ۾ غزا  جي جنگ عالمي معاملن تي حاوي ھوندي، دنيا جون سامراجي قوتون ان کي ختم ڪرڻ بدران ھوا ڏئي رھيون آھن،جنھن ڪري ان جنگ جي ويجھڙائي ۾ ختم ٿيڻ جي ڪا توقع نظر نٿي اچي.جيتوڻيڪ گڏيل قومن جنگ بندي جي قرارداد منظور ڪري ورتي آھي ۽ ھڪ ٻي قرارداد پيش ڪرڻ جي تياري ٿي رھي آھي ۽ عالمي سطح تي اسرائيل جي خلاف نفرت ۽ دٻاءَ وڌي رھيو آھي پر پوءِ بھ اسرائيل جنگ روڪڻ جي لاءِ سنجيدھ نظر نٿو اچي.ان سلسلي ۾ ھڪ ڀيرو ٿيل عارضي جنگ بندي بعد وري ٻيھر پڻ عارضي جنگ بندي جي ڪوشش ٿي رھي آھي، جنھن بابت خيال آھي تھ اسرائيل پنھنجي يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ چاھي ٿو.جڏھن تھ جنگ جاري رکڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آھي. مبصر ان خيال جا آھن تھ اسرائيل غزا  تي مڪمل اسرائيلي قبضو چاھي ٿو.

خبرون آھن تھ اسرائيل ۽ قطر هڪ ڀيرو ٻيهر غزا  ۾ عارضي جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي. آمريڪي اخبار ”وال اسٽريٽ جرنل“ لکيو آھي ته قطر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان الثاني ناروي جي راڄڌاني اوسلو ۾ اسرائيلي ڳجهي اداري موساد جي ڊائريڪٽر ڊيوڊ برني سان ملاقات ڪئي آھي. ٻئي پاسي اوسلو ۾ هزارين ماڻهن اسرائيلي جارحيت خلاف مظاهرو ڪيو ۽ ٻارن، شهرين خلاف جنگ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. غزا  تي اسرائيلي بمباري کي ستر ڏينهن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو  آھي. سڄي دنيا ان شرمناڪ، غير انساني، خونخوار جنگ ۾ خاموش تماشائي بڻيل آهي. اسرائيل، آمريڪا جي مدد سان غزا  تي بمباري کان سواءِ زميني حملن ۾ به بي رحميءَ جو مظاھرو ڪري رھيو آهي.

ٻيھر جنگبندي جي ڳالهين جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، اهي ملاقاتون صرف عارضي جنگ بندي ۽ اسرائيلي يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ ٿي رهيون آهن. اسرائيل جو غزا ۾ جنگبندي جو ارادو ناهي، عارضي جنگبندي تي جو مطلب ھوندو اسرائيل جي  فوجي پوزيشن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ دنيا کي هڪ احسان طور پيش ڪيو ويندو. اسرائيلي اڳواڻن جي بيانن مان وحشيپڻو جھلڪي رھيو آھي.فلسطينين کي ختم ڪرڻ جون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون. اسرائيلي اڳواڻ  چوندا رهيا آهن ته فلسطيني انسانن جي روپ ۾ بگھڙ ۽ خونخوار جانور آهن پر جيڪڏهن ظلم جي صورتحال کي ڏسجي ته اسرائيلي اڳواڻ ان معيار تي پورو لهن ٿا.

اسرائيلي فوج جي ترجمان اعتراف ڪيو آهي ته شجاعيه جي علائقي ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽي يرغمالي مارجي ويا. يرغمالين جي موت جي شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته يرغمالين وٽ اڇا جهنڊا هئا. هڪ سپاهي ٻڌايو ته هن يرغمالين کي شجاعيه علائقي ۾ ڪجهه فاصلي تي ڇڏيندي ڏٺو. يرغمالن پنھنجا لٽا لاھي ڇڏيا ھئا ۽ ھن لٺن تي اڇا ڪپڙا ويڙهيا ھئا. پر فوجي اهلڪارن پنهنجن ئي ماڻهن کي ’خطرو‘ سمجهي فائرنگ ڪئي. هي واقعو هڪ اعليٰ ۽ جديد هٿياربند فوج جي عدم تحفظ ۽ خوف جي علامت آهي.

اسرائيل غزا  ۾ طبي امداد جو سمورو ڍانچو تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مصر رفح بارڊر ذريعي امدادي سامان جي فراهمي کي روڪي رهيو آهي،۽ غزا  جي شهرين کي خوراڪ جي فراهمي انتهائي گهٽ آهي ۽  پنجويهھ لک ماڻهون يرغمال بڻيل آھن. اسرائيل اھڙو بي حس آھي جو ان کي اھا پرواھ نھ آھي تھ  بم، بک يا علاج جي کوٽ سبب ڪيترا فلسطيني مري ويندا. حقيقت ۾ اسرائيل فلسطين ۾ هڪ دشمن ڏسي ٿو ۽ هر قيمت تي سڀني فلسطينين کي مارڻ لاءِ تيار آهي. ان ڪري عالمي ادارا ۽ ڪيترائي ملڪ اسرائيلي جنگ کي فلسطينين جي نسل ڪشي قرار ڏئي چڪا آهن. اوسلو ۾ ٿيل مظاهري ۾ مقررين اهو ئي الزام ٻيهر ورجايو ۽ ناروي جي حڪومت، آمريڪي اختيارين ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هن انسانيت جي جنگ کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.