آءِ فون 16 ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندو؟

ايپل جا نواز آءِ فونز ته سيپٽمبر 2024ع ۾ متعارف ڪرايا ويندا پر ان حوالي سان ليڪس جو سلسلو جاري آهي.
اڇا اهو واضح ناهي ته آءِ فون 16 سيريز جا ماڊلز ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندا.
پر هڪ رپورٽ ۾ آءِ فون 16 جي امڪاني ڊزائين جا پروٽوٽائيپ خاڪا جاري ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال جي بيسڪ آءِ فون ماڊل لاءِ ايپل طرفان بيڪ ڊزائين ۽ بٽڻن ۾ تبديلين جو امڪان آهي.
ان ڪري ڪمپني پاران 3 ڊزائنز تي غور ڪيو پيو وڃي جن جا خاڪا رپورٽ ۾ جاري ڪيا ويا آهن.
سائي ۽ ڦڪي رنگ جي پهرين ڊزائين ۾ بيڪ تي آءِ فون ايڪس جهڙو ڪيمرا سيت اپ نظر اچي رهيو آهي.
گلابي ۽ ڪاري رنگ جي ڊزائنز ۾ ڪيمرا سيٽ اپ ڏسڻ ۾ هڪ جهڙو ئي لڳي رهيو آهي.

فرنٹ ڈیزائن ایسا ہو سکتا ہے / فوٹو بشکریہ میک ریومرز
پر ٽنهي ڊزائنز ۾ واليوم ڪنٽرولز سان گڏوگڏ ايڪشن بٽڻن جو اضافو به نظر اچي رهيو آهي.
واضح رهي ته آءِ فون 15 سيريز ۾ ايڪشن بٽڻ رڳو پرو ماڊلز ۾ ڏنو ويو هو پر ايندڙ سال اهو سڀني ڊوائيسز جو حصو بڻجي سگھي ٿو.
ڪاري رنگ جي ڊزائين ۾ هڪ نئون Capture بٽڻ به پاور بٽڻ جي هيٺان نظر اچي رهيو آهي.
اهو بٽڻ امڪاني طور تي ڪيمرا لاءِ استعمال ٿيندو.

آئی فون 16 سیریز ستمبر 2024 میں متعارف کرائی جائے گی / فوٹو بشکریہ میک ریومرز
آءِ فون 16 سيريز چئن ماڊلز ۾ ايپل جو اي 18 پراسيسر ڏيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته آءِ او ايس 18 بي ان جو حصو هوندو.
پر ان سيريز جي فونز ۾ وڏين هارڊويئر تبديلين جو امڪان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.