جيڪڏهن اوهان پرڏيهي سياحت لاءِ وڃڻ چاهيو ٿا ته آفريقا جو هڪ خوبصورت ملڪ اوهان کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار آهي.
جي ها آفريقي ملڪ ڪينيا وڃڻ لاءِ هاڻي دنيا جي ڪنهن بهفرد کي ويزا حاصل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.
ان پروگرام جو اعلان ڊسمبر 2023ع ۾ ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ان تي عملدارشروع ڪيو ويو آهي.
ڪينا ۾ ويزا فري پروگرام تحت 5 جنوري تي پهرين سياحن جي آمد ٿي هئي.
مقامي اميگريشن کاتي موجب ايٿوپيا مان پهريان سياح نيروبي پهچتا آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهو انگ وڌڻ جو امڪان آهي.

اميگريشن کاتي ٻڌايو ته سڄي دنيا جي هر ملڪ سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي ڪينيا اچڻ لاءِ هاڻي ويزا جي ضرورت نه آهي.
ان نئين سسٽم تحٽ سياحن کي آن لائين اليڪٽرو ٽريول authorization لاءِ اپلاءِ ڪرڻ سان گڏوگڏ 30 ڊالرز فيس ادا ڪرڻي پوندي.
ته جيڪڏهن اوهان Maasai Mara ۾ جنگل سفاري جو مزو وٺڻ چاهيو ٿا،نيروبي نيشنل پارڪ جي جو سير ڪرڻ چاهيو ٿا يا Nakuru ڍنڍ ۾ پکين جو نظارو ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪينيا جو رُخ ڪريو، ڇو جو هاڻي اتي وڃڻ لاءِ ويزا جي ضرورت نه آهي.

ڪينيا جي صدر William Ruto ڪجهه عرصو اڳ ان پروگرام جو اعلان ڪندي چيو هو ته دنيا جي هر ڪنڊ سان واسطو رکندڙ فرد کي ڪينيا ايندڙن لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.
ان سان گڏوگڏ اتان جي سامونڊي علائقن جي خوبصورتي به ڏسڻ سان واسطو رکي ٿي.
انهيءَ جي ڪري هر سال لکين سياح ڪينيا جو رخ ڪندا آهن ۽ سهولتون به ملنديون آهن.